اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ ڪرونا جا 7586 نوان ڪيس رپورٽ،20 ڄڻا فوت

اسلام آباد : پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪرونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 7586 نوان مريض به سامهون آيا آهن. پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جون 58334 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 7586 ڄڻن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 13 سيڪڙو رهي. اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 29097 ٿي چڪو آهي. جڏهن متاثرن جو انگ 13 لک 67 هزار 605 تائين پهچي چڪو آهي. ان کانسواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 647 ڄڻا ڪرونا مان صحتياب به ٿيا، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ وبا سبب صحتياب ٿيلن جو انگ 12 لک 68 هزار 245 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button