لاڙڪاڻي ۾ ملتان واسي 57 ورهين جي پيرسن صحت ڪارڊ، انصاف انڪم سپورٽ ڪارڊ نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. پيرسن ذوالفقار علي جٽ دانهيندي چيو ته هو ملتان جي جليل آباد ڪالوني جو رهواسي آهي. هن دانهيندي چيو ته مونکي هڪ پٽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي مونکي ميدي جي بيماري آهي، مون وٽ علاج لاءِ ڪا وسعت ناهي، اهڙي بيماري سبب مون کي اولاد گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري دربدر زندگي گهارڻ تي مجبور آهيان. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائي انڪم سپورٽ ڪارڊ، صحت ڪارڊ ڏيئي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close