اسلام آبادپاڪستان

احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي هن پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم عمران خان ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ گهرو وزارت جي صلاحڪار شهزاد اڪبر پنهنجي استعيفيٰ جي تصديق ڪندي چيو ته مون پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم عمران خان ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي ۽ اميد آهي ته تحريڪ انصاف جي منشور موجب احتساب جو عمل وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ جاري رهندو. مان پارٽي سان جڙيل رهندس ۽ وڪيل برادري جي ميمبر جي حيثيت سان پارٽي جو حصو ۽ قانوني سهڪار جاري رکندس. ذريعن موجب شهزاد اڪبر وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو وزارت جي صلاحڪار طور ٻنهي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهزاد اڪبر کي پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي وڃڻ جو چيو ٻي صورت ۾ وزيراعظم کيس برطرف ڪري سگهيو پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button