اسلام آباد : عمران خان جي اڳواڻي ۾ موجوده حڪومت پنهنجي ڪابينا ميمبرن کي عهدن تان هٽائڻ جي معاملي ۾ گذريل سڀني حڪومت کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. موجودا حڪومت ۾ رڪارڊ ڪابينا ميمبرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي. بئريسٽر شهزاد اڪبر جو وزيراعظم جي خاص مددگار جي عهدي تان مستعفي ٿيڻ يا کيس عهدي تان هٽائڻ سان اهو انگ تقريبن 24 جي ويجهو پهچي ويو آهي، جيڪو ڪنهن به حڪومت جو رڪارڊ آهي.عمران خان جي ساڍن 3 ورهين جي اقتدار ۾ نه رڳو رڪارڊ انگ ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي مقرري ڪئي وئي پر وزيرن، مشيرن ۽ وزيراعظم جي خاص مددگارن جو انگ به رڪارڊ سطح تي بلند ٿي چڪو آهي. جن ڪابينا ميمبرن کي هيستائين مختلف عهدن تان هٽايو ويو آهي، انهن ۾ اسد عمر، عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر وقار مسعود خان، ذوالفقار عباس بخاري، فردوس عاشق اعواڻ، اعجاز شاهه، ڊاڪٽر عشرت حسين، شهزاد اڪبر، نديم افضل چن، عاصم سليم باجوه، تابش گوهر، فيصل واوڊا، عامر محمود ڪياني، نديم بابت، ظفر مرزا، تانيا ايڊروس، يوسف بيگ مرزا، شهزاد سيد قاسم، شهزاد ارباب، غلام سرور، خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ طاهر اي خان ۽ ٻيا شامل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close