اسلام آبادپاڪستان

پي آءِ اي 26 ارب جي ٽيڪس ڊيفالٽر،53 اڪائونٽ منجمد ۽ بحال

اسلام آباد : فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) قومي ايئر لائين پي آءِ اي جا 53 اڪائونٽس منجمد ڪري ڇڏيا، جن کي بعد ۾ ناڻي واري وزير جي مداخلت تي بحال ڪيو ويو آهي. پي آءِ اي 26 ارب رپين جي ٽيڪس ڊيفالٽر هجڻ جي انڪشاف بعد ايف آءِ اي پوري ملڪ ۾ 53 بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا هئا. فيڊرل بورڊ آف روينيو جي سينيئر آفيسر ٻڌايو ته ڪارروائي لارج ٽيڪس پيئر يونٽ ڪراچي پاران ڪئي وئي. پي آءِ اي جا پوري ملڪ ۾ 53 بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا، اهي ايف بي آر جي ذيلي اداري لارج ٽيڪس پيئر يونٽ ڪراچي پاران منجمد ڪيا ويا هئا. جڏهن ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي چيف ايگزيڪٽو آفيس (سي اي او ) ايئر مارشل ارشد ملڪ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين سان ملاقات ڪري معاملو اٿاريو، جنهن بعد ناڻي واري وزير جي مداخلت تي اڪائونٽس بحال ڪيا ويا. ايف بي آر ذريعن موجب ٽڪيٽن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ادا نه ڪرڻ تي پي آءِ اي جا بيڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button