اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان اندر ڪرپشن ۾ لڳاتار واڌ، ٽرانسپيرنسي جي رپورٽ

اسلام آباد: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل موجب پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ وڌيڪ واڌ ٿي وئي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 180 ملڪن جو ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب پاڪستان ڪرپشن رينڪنگ ۾ 16 درجا مٿي هليو ويو ۽ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان سڄي دنيا ۾ 140 هين نمبر اچي ويو آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع ۾ پاڪستان جو دنيا ۾ 124 هون نمبر هو ۽ 2020ع ۾ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جو گذريل سال اسڪور 31 هو جڏهن ته 2021ع ۾ پاڪستان جو ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جو اسڪور 28 ٿي ويو، ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جي اسڪور ۾ 3 پوائنٽس جي گھٽتائي ٿي آهي، انڊيڪس جو اسڪور گھٽجڻ ڪرپشن ۾ واڌ کي ظاهر ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button