اسلام آباد :اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم حڪومت خلاف 23 مارچ تي هر صورت ۾ مهانگائي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم مني بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، 23 مارچ تي مهانگائي مارچ ٿيندو ۽ اسان اسلام آباد جو رُخ ڪنداسين. هن چيو ته جيئن اهي پاڻ رانديڪا آهن، انهن ملڪي معيشت کي به رانديڪو بڻائي ڇڏيو آهي. قوم سجاڳ آهي، انهن کي کير مان مک جيان اقتدار مان ڪڍندي. سندس چوڻ هو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل انهن جي هٿرادو ايمانداري جو آئينو قوم کي ڏيکاري ڇڏيو. هن حڪومت هر سياستدان کي چور چيو ۽ پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان نه ڏنو. مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم اڳ به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي رد ڪري چڪي آهي ۽ اڄ به واضح لفظن ۾ ان کي رد ڪيون ٿا. جڏهن ته صدارتي نظام ملڪ ۾ آمريت جو ٻيو نالو رهيو آهي، ڀلي اهو ايوب هجي، يحيٰ هجي يا مشرف جو دور هجي، اسان ان ناپاڪ خواهش کي پورو ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ آئين لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.پي ڊي ايم سربراهه وڌيڪ چيو ته بي اعتمادي رٿ سياست جو حصو آهي پر في الحال ان تي غور ناهي ڪيو ويو، موجوده صورتحال ۾ حڪومت جو خاتمو لازمي آهي، مري سانحي تي عمران خان ۽ عثمان بوزدار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، 23 مارچ جي مهانگائي مارچ کانپوءِ ٻئي ڪنهن لانگ مارچ جي ڳالهه نه ٿيڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close