اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ بار جي صدر طرفان تاحيات نااهلي خلاف درخواست داخل

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون تاحيات نااهلي خلاف عدالت ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تاحيات نااهلي جو اصول لاڳو ٿيڻ رڳو چونڊ تڪرار ۾ استعمال ڪيو وڃي. آئين جي آرٽيڪل 3/184 تحت سپريم ڪورٽ بطور ٽرائل ڪورٽ معاملا انجام نٿي ڏئي سگهي. اهڙن عدالتي فيصلن خلاف اپيل جو حق به نٿو ملي، جيڪو انصاف جي اصولن جي ابتڙ آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته اپيل جي حق کان بنا تاحيات نااهلي بنيادي حقن ۽ لاڳاپيل تڪ جي ووٽرز جي به حقن جي لتاڙ آهي. احسن ڀون پاران داخل ڪيل درخواست ۾ وقاف کي ڌر بڻايو ويو. واضح رهي ته هن وقت اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ جهانگير ترين تاحيات نااهل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button