اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 25 ڄڻا فوت، 7539 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪرونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 25 ڄڻا فوت ۽ 7539 نوان مريض سامهون آيا آهن.پاڪستان ۾ ڪرونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون 63272 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان 7539 ڄڻن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي. جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 25 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 11 ڏهائي 92 سيڪڙو رهي. اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب فوتگين جو انگ 29162 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته متاثرن جو گڏيل انگ 13 لک 93 هزار 887 تائين پهچي چڪو آهي. ان کانسواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1784 ڄڻا ڪرونا مان صحتياب ٿيا، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ وبا مان صحتياب ٿيلن جو گڏيل انگ 12 لک 72 هزار 871 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button