اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم احتجاج ڪرڻ دوران پوليس لٺبازي جو نوٽيس ورتو،رپورٽ طلب

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ مڪاني نظام خلاف ايم ڪيو ايم جي مظاهرين تي سنڌ پوليس جي لٺبازي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. خميس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سنڌ ۾ بلدياتي نظام خلاف ايم ڪيو ايم جي مظاهرين تي سنڌ پوليس جي تشدد جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. گهرو وزارت، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ آئي جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ گهري آهي. رپورٽ ملڻ کان پوءِ ذميوارن جي خلاف ضروري ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايم ڪيوا يم پاڪستان پاران نئين بلدياتي قانون جي خلاف ريلي ڪڍي وئي هئي. ٻئي طرف ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ رفارمز بابت تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته قانون جي حڪمراني کانسواءِ ملڪ ترقي ڪري سگھي ٿو ته اهو خوابن جي دنيا ۾ رهي ٿو. ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ سڌارا قانون جي حڪمراني طرف هڪ قدم آهن. عمران خان چيو آهي ته جڏهن غريب کي طاقتور جي مقابلي ۾ انصاف ملندو آهي ته اهو دعائون ڏيندو آهي ۽ غريب جي دعائن سان الله جي برڪت ايندي آهي. عمران خان چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو اثاثو اوورسيز پاڪستاني آهن، 90 لک پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي آمدني 22 ڪروڙ پاڪستانين جي برابر آهي پر اوورسيز پاڪستاني پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ناهن ڪندا ڇو جو کين قانون جي حڪمراني تي اعتماد ناهي، اوورسيز پاڪستانين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري شروع ڪري ڇڏي ته اسان کي ڪٿي ٻاهر هٿ ٽنگڻو نه پوندو. هن چيو ته ليگل سسٽم ٺيڪ نه هجڻ سان قانون جي حڪمراني ممڪن ناهي، عام ماڻهو جيلن ۾ ڀريل آهن، جيلن ۾ غريبن جون ڀوائتيون ڪهاڻيون آهن، عام ماڻهو جو ڏوهه سندس غربت آهي. سندس چوڻ هو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪرمنل سسٽم ۾ سڌارا ڪيا آهن، وڪيل ۽ عدليا کي عملدرآمد جي اپيل ڪيان ٿو. وزيراعظم چيو ته معاشري ۾ جيستائين انصاف نه ٿيندو خوشحالي نه ايندي، جيئن جيئن ننڍن ماڻهن کي تحفظ ملندو ته خدا جون برڪتون اينديون، غريب کي طاقتور جي خلاف انصاف ملندو آهي ته غريب دعائون ڏيندو آهي، غريب جي دعائن سان خدا جون برڪتون اينديون آهن. هن ٻڌايو ته ڪرڪيٽ ۾ نيوٽرل امپائر لاءِ گھڻي جدوجهد ڪئي، تنقيد به ٿي پر ڪامياب ٿياسين، اسان اليڪشن ۾ به ٽيڪنالوجي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سسٽم ۾ ٽيڪنالوجي جو سڀ کان وڌيڪ فائدو عام ماڻهو کي ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button