اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته دهشتگرد بزدلاڻي ڪارروائين سان سيڪيورٽي ادارن جا حوصلا نٿا گهٽائي سگهن، بلوچستان جي ترقي ۽ ملڪي سلامتي جو مشن جاري رهندو. بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي شيخ رشيد چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي شهادت جو ٻڌي افسوس ٿيو. ملڪ جي حفاظت لاءِ مقرر اهلڪارن تي حملو بدترين دهشتگردي آهي. هن چيو ته بزدلاڻي ڪارروائين سان سيڪيورٽي ادارن جا حوصلا نه گهٽجندا، بلوچستان جي ترقي ۽ سلامتي جو مشن جاري رهندو. واضح رهي ته 25 ۽ 26 جنوري جي وچين رات بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 10 جوان شهيد ٿي ويا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close