اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ٽن ٻارن جي ما مڙس کان ناراض ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو، سندس پي مڙس تي تشدد جو الزام هڻي جاچ جي گهر ڪئي. رپورٽ موجب اسلام ڪوٽ شهر جي ڪولهي پاڙي ۾ ٽن ٻارن جي ما 33 ورهين جي ناري املان زال جگديش ڪولهي مبينا مڙس کان ناراض ٿي پنهنجي گهر جي چونئري جي ڪاٺ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي اسلام ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر اسلام ڪوٽ آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش ناري جي مائٽن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب ناري جي پي ميگهو جو الزام آهي ته منهنجي ڌي کي منهنجو ناٺي مارڪٽ ڪندو رهندو هو، ان ڪري مون کي شڪ آهي، معاملي جي جاچ ڪئي وڃي. ان لا اسان ناري جو مڪمل پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، رپورٽ اچڻ بعد خبر پئجي سگهندي، وارث جيڪڏهن ڪا ڪارروائي ڪرائيندا ته ڪارروائي ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close