اسلام ڪوٽ/ ڇاڇرو: ٿرپارڪر ضلعي جي شهر مبارڪ رند ۾ 2009ع ۾ مبارڪ رند مڊل اسڪول کان ها اسڪول اپگريڊيشن لا مليل بلڊنگ جو انتظامي لاپرواهي سبب ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڪم جو پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي هٿن سان پيڙهه جو پٿر رکيو هو، پر 13 سال گذرڻ باوجود ڪم پورو نه ٿي سگهيو آهي، در دريون ۽ ٽائلس جو ڪم اڃا تائين رهيل آهي، بلڊنگ به زبون ٿي وئي آهي، 1998ع جي ٺهيل مڊل اسڪول جي عمارت جي حالت به خطري ۾ آھي، اسڪول انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن اعلى عملدارن اڳيان ڪيترائي ڀيرا دانهيو، پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. ان سلسلي ۾ ٿر ٽيڪنيڪل فورم جي اڳواڻ ديال صحرائي، عطا محمد رند، همير سومرو، راجه گوهر ۽ سريش ساماڻي چيو ته تعليم کاتي کي هر سال ترقياتي بجيٽ لا اربين رپيا ڏنا وڃن ٿا، پر کاتي جي نااهلي سبب واپس ليپس ٿي وڃن ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close