اسلام آباد :اسلام آباد ها ڪورٽ ۾ اڳوڻي فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف خلاف ڪرپشن جي انڪوائري نه ڪرڻ تي نيب چيئرمين خلاف توهين عدالت جي درخواست شنوائي لا مقرر ڪئي وئي آهي. جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس اعجاز اسحاق سومر تي شنوائي ڪندا. رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحيم طرفان 25 جنوري 2018ع جي عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي. موقف اختيار ڪيو ويو ته مشرف اربين رپين جي زمين حاصل ڪئي ۽ هزارين ايڪڙ زمين غيرقانوني طور تي ڪنٽونمينٽس کي الاٽ ڪئي. هن پاڻ انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو ته لکين ڊالرن عيوض پاڪستانين کي اغُوا ڪري آمريڪين حوالي ڪيو. عدالتي حڪم باوجود نيب مشرف خلاف شڪايت تي ڪا ڪارروائي نه ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close