مسڻ وڏي: ٽنڊو جان محمد ڀرسان دعوت کائي واپس ايندڙ مسڻ وڏي جي رهواسي دوستن جي مھراڻ ڪار ٽنڊو جان محمد با پاس وٽ پنهور اسٽاپ انب موري تي روڊ تي بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ ڪار سوار دوست شھباز علي ولد عطا محمد سميجو، علي مراد ولد عزيز سميجو، غلام مرتضيٰ لغاري ولد محمد امين لغاري ۽ ڳوٺ محسن ڏگو جو نوجوان آفتاب احمد ڏگو ولد الھبچايو ڏگو شديد زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس موبائيل ۾ رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي ايمبولينس نه هئڻ سبب هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين زخمي تڙپندا رهيا، بعد ۾ اسپتال انتظاميا ڊگهڙي، جھڏو ۽ جيمس آباد مان ايمبولينسون گهرايون، جنهن بعد زخمين کي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص اسپتالن ڏانهن روانو ڪيو ويو، زخمين مان يوسي مسڻ جي اڳوڻي چيئرمين حاجي محمد صديق سميجو جو ڀاڻج نوجوان علي مراد ولد عزيز سميجو فوت ٿي ويو. سينيئر صحافي حاجي محمد اشرف لغاري جو نوجوان پوٽو غلام مرتضى لغاري، شھباز علي سميجو ۽ آفتاب احمد ڏگو کي حيدرآباد کانپوءِ ڪراچي جي ٽراما اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن حادثي ۾ ڪار مڪمل طور تباھه ٿي وئي. ٻئي طرف حادثي جي خبر پوڻ تي مسڻ وڏي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو ۽ سمورو ڪاروبار بند ٿي ويو. فوتي نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي نوجوان علي مراد سميجي جي جنازي نماز ۾ زميندار مخدوم ميون مقبول احمد ولهاري، پ پ اڳواڻ مختيار لغاري، حاجي فاروق لغاري، سروري جماعت جي حبيب الله ڏگو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جنهن بعد کيس عبدالله فقير قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close