پاڪستانسنڌ

جونگل ۾ مڙس هٿان مبينا قتل ٿيل ناري جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

جونگل بي سيڪشن ٿاڻي جي حد 9 ڏينهن اڳ ڳوٺ نامدار بنگلاڻي ۾ مڙس اسماعيل بنگلاڻي هٿان مبينا رپيٽر ڇٽي وڃڻ ڪري قتل ٿيل نوجوان ناري زينت بنگلاڻي جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار ٿيڻ باوجود ڪيس چالان نه ٿيڻ تي ناري جي وارثن پي نظير احمد بنگلاڻي، نصير احمد، ڪريم ڏنو، علي گوهر بنگلاڻي جونگل ۾ بي سيڪشن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته ايس ايڇ او غلام نبي بجاراڻي قتل جو ڪيس ٿيڻ بعد جوابدار ناري جي مڙس اسماعيل بنگلاڻي سميت ميرمحمد بنگلاڻي ۽ علي نواز بنگلاڻي کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي رکڻ بدران مختلف هنڌن تي رکي جوابدارن سان آزادي لا ڊيل پيو ڪري، 6 لک عيوض جوابدارن جي آزادي جون ڳالهيون هلن پيون، اسان تي پڻ راڄوڻي ڪرڻ لا دٻا وجهي رهيو آهي. خدشو آهي ته نياڻي جو ڪيس لوڙهيو ويندو. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته ڪيس چالان ڪري جوابدارن کي فوري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button