ڄامشورو :سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ٻارھين مرڪزي جنرل ڪائونسل جو ٻن ڏينھن وارو اجلاس پارٽي صدر جلال محمود شاھه جي صدارت ھيٺ درياءَ واري بنگلي سن تي ٿيو. جنھن ۾ ڊاڪٽر خليل جان سرھندي، اعجاز سامٽيو، جڳديش آھوجا، اميرآزاد پنھور، روشن علي ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، مختيار ميمڻ، مخدوم شمس، زين شاھه، غلام شاھه، ياسمين ٿيٻو، شميم مري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مرڪز، فرنٽن، ڊويزن ۽ ضلعن ڪارڪردگي رپورٽون پيش ڪيون. اجلاس کي جلال محمود شاھه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ جمھوري طرح اليڪشن ۾ حصو وٺي بلديات کان وٺي پارليامينٽ تائين سنڌ جي محبِ وطن اڳواڻن کي پنھنجو نمائندو چونڊرائڻ لا ميدان تي اچڻو پوندو. هن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ ڪارڪنن کي ڀرپور حصو وٺڻو آھي. ھن چيو ته ٻيھر لساني فساد ڪرائڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم (پاڪستان) پنھنجو ووٽ بئنڪ وڌائڻ لاءِ سنڌ جي مستقل آبادين کي ويڙھائڻ جون سازشون ڪندا رھيا آھن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close