اسلام آبادپاڪستان

عدليا کي تيزي سان ڪرندڙ ساک جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي:فواد چوڌري

اسلام آباد :وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عدليا کي عالمي رينڪنگز ۾ پنهنجي تيزي سان ڪرندڙ ساک جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته قانون واري وزير فروغ نسيم جو سوال اهم آهي ته جيڪڏهن جج صاحبان پنهنجي زالن ۽ ٻارن جي اثاثن جا ذميوار نه آهن ته پوءِ سياستدانن ۽ بيورو ڪريٽس جو احتساب ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته عدليا کي عالمي رينڪنگز ۾ پنهنجي تيزي سان ڪرندڙ ساک جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. نئون چيف جسٽس جڏهن حلف کڻندو ته کيس چئلينج کي منهن ڏيڻو پوندو. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُ الله جي بيان تي ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اهڙيون ڳالهيون ۽ ڌمڪيون جيڪڏهن بنا نوٽيس ۽ احتساب جي نظر انداز ڪيون وڃن ته پوءِ الله ئي حافظ آهي. مون کي اميد آهي ته اعليٰ ترين سطح تي عدليا ان ڳالهين جو نوٽيس وٺندي ۽ قدم کنيا ويندا ته جيئن احتساب جو عمل بنا ڪنهن خوف جي اڳيان وڌي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button