اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا 29 ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون،7 هزار 978 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا وبا وگهي هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 29 مريض فوت ٿي ويا آهن. مثبت ڪيسن جي شرح 12 سيڪڙو کان وڌي وئي. اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ ڪرونا وگهي فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 29 هزار 248 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ 14 لک 18 هزار 11 ڄڻا ڪرونا سبب متاثر ٿيا. 12 لک 88 هزار 738 صحتياب ٿي چڪا آهن. سڄي ملڪ ۾ 7 هزار 978 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته صحتياب ماڻهن جو گڏيل انگ 12 لک 88 هزار 738 ٿي ويو آهي. 24 ڪلاڪن دوران 64 هزار 16 ڪرونا ٽيسٽ ڪيا ويا. جڏهن ته هيل تائين 2 ڪروڙ 49 لک 57 هزار 306 ڪرونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. ڪرونا سبب متاثر 1455 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 4 لک 76 هزار 420، سنڌ ۾ 5 لک 40 هزار 23 ڪيسز، خيبرپختونخوا هڪ لک 92 هزار 519 ۽ بلوچستان ۾ 34 هزار 48 ڪيسز رپورٽ ٿيا. اسلام آباد هڪ لک 26 هزار 473، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 642 ڪيسز جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪرونا مريضن جو انگ 37 هزار 572 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button