اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻو پوندو. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مان ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي اسلامو فوبيا جي مذمت واري بيان جي آجيان ڪريان ٿو ۽ سندس ان قدم جي تعريف ڪريان ٿو، جيڪو هن اسلامو فوبيا جهڙي لعنت کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.وزيراعظم عمران خان چيو ته جسٽن ٽروڊو جو وقت تي قدم منهنجي ان مطالبي جي تائيد آهي جيڪو آئون لاڳيتو ورجائيندو رهيو آهيان. اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻو پوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close