اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ سينهار وڪيا جو رهواسي 25 سالن جو نوجوان انجنيئر دولت سنگهھ ٺڪُر گذريل ڏينهن ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ ڪرونا سبب فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران ڪرايل ٽيسٽن بعد ڪرونا جي تصديق ڪئي وئي، نوجوان مسلسل 10 ڏينهن کان علاج هيٺ هو، پر گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو. نوجوان جي هڪ مهينو اڳ شادي ٿي هئي ۽ ڪراچي ۾ انجنيئرنگ پڙهي رهيو هو ۽ وڪيل ڀاءُ سان گڏ رهندو هو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close