پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ ڊئم متاثرن جو احتجاج جاري، اختياريون خاموش

اسلام ڪوٽ: گوڙاڻو ۽ ڌڪڙڇو ڊئمن جي ڳوٺ سليمان حجام جي رهواسين عارب حجام، ابراهيم، سنگهار، مصطفى، حيدر، محرم ۽ ڌڪڙڇو ڊئم ايريا جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين جادم لنجو، چيتن، راسو ڀڳت، ميوو، مورو، ديوان، نيتو، شبير ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو قائم ڪئمپ تي 15 هين ڏينهن به احتجاج ڪري ڌرڻو جاري رکيو. ان موقعي تي ڌڪڙيو ڊئم جي متاثرن دانهيندي چيو ته ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين اسان جي اعتراض ۽ احتجاج جي باوجود پاڻي ڇڏيو آهي، پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، پاڻي بيهڻ سبب گوڙاڻي وانگر اسان جو سمورو علائقو، زمين، وڻ ۽ سڀ تباهھ ٿي ويندو. ٻئي پاسي گوڙاڻو ڊئم جي ڳوٺ سليمان حجام جي رهواسين دانهيندي چيو ته ڊئم سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر اسان جو ڳوٺ ٿيو آهي، سرڪار اعلان ڪيو هو ته هر خاندان کي ساليانو هڪ لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو، پر معاوضي جا چيڪ رڳو ڪجهھ ماڻهن کي ڏنا ويا آهن، اسان کي رلايو پيو وڃي. سمورا کوهھ ئي کارا ٿي ويا آهن، اسان پاڻي ڍڪ لا پريشان آهيون. اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن احتجاجي ڪئمپ ۾ ٿر سماجي تحريڪ سٿ جي امير حسن راهمون، نصير نون ۽ ٻين شرڪت ڪري همدردي جو اظهار ڪيو. اڳواڻن چيو ته ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون ۽ سرڪار ٿر جي مسڪين ماڻهن سان زيادتين جي حد ڪري ڇڏي آهي، زبردستي ڳوٺن ڀرسان زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪري ڳوٺ ٻوڙيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button