پاڪستانسنڌ

جهڏي تعلقي ۾ اٽو 3 هزار رپيا في مڻ، غريب طبقو پريشان

نفيس نگر: جهڏي تعلقي ۾ اٽو 3 هزار رپيا مڻ ٿي ويو. هوٽل وارن ماني ۽ پراٺن جا اگهه وڌائي ڇڏيا. سڄي سنڌ جيان جهڏي تعلقي ۾ پڻ اٽي جو اگهه چوٽ چڙهي ويو آهي. جهڏو سميت نئون ڪوٽ، نفيس نگر، روشن آباد، آهوري، فضل ڀنڀرو ۽ ٻين شهرن ۾ 27 سئو رپيا في مڻ وڪرو ٿيندڙ اٽو مهانگو ٿي 3 هزار رپيا في مڻ ٿي ويو آهي، جنهن ڪري مختلف شهرن ۾ هوٽلن تي 10 رپين ۾ وڪرو ٿيندڙ ماني 15 کان 20 رپيا ٿي وئي آهي، چپاٽي نان ۽ پراٺي جو ريٽ پڻ ٻيڻو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري غريبن توڙي پورهيتن جا لاهه نڪري ويا آهن. ٻئي طرف اڪثر فلور ملز ۽ چڪي مالڪن ڪڻڪ مهانگي ملڻ ۽ فوڊ اسپيڪٽر کي 350 رپيا في ٻوري تي ڪميشن ڏيڻ جو جواز ڄاڻائي اٽو مهانگو ڪيو ويو آهي. معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ فلور ملن تي پراڻي ۽ خراب ڪڻڪ جو اٽو وڪرو ڪيو پيو وڃي. اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف پورهيت طبقي جون هر روز مختلف شهرن ۾ احتجاج ۽ دانهون هجڻ باوجود فوڊ کاتي جي وزير سميت چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا ڪو نوٽيس ناهي ورتو. سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻ محب ڀيل، پورهيت کيمون ڀيل، غريب نواز لاهوتي ٽنگڙي، ڪرشن ڪمار ۽ ٻين دانهيندي چيو ته فوڊ کاتي ۾ مقرر راشي عملدارن خلاف قدم کڻي اٽو سستو ڪري بک مرڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button