راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته لانگ مارچ يا ڌرڻن سان ڪجهه نه ٿيندو، هنن جا 14 کان 15 ماڻهو اندر کان عمران خان سان مليل آهن. بي اعتمادي جون ڳالهيون ڪندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ان لاءِ ماڻهو آڻڻا پوندا آهن. وزيراعظم ڪابينا ۾ ايمرجنسي ۽ صدارتي نظام جي ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي. راولپنڊي ۾ ماءُ ٻار اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته سڀني کي خبر پئجي چڪي آهي ته قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ مان به حڪومت جو هر بل منظور ٿي ويندو ڇو ته اپوزيشن جا 14 کان 15 ماڻهو عمران خان سان مليل آهن. اپوزيشن حڪومت خلاف ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. بلاول ڀٽو زرداري 27 فيبروري تي اچي ٻيا به 23 مارچ تي اچن، فضل الرحمان کي به اچڻ جو شوق آهي ته اهو به اچي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close