اسلام آباد : وفاقي حڪومت نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽ کي ڪوڙو قرار ڏيندي عدليا کان سخت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي
ان حوالي سان سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آمريڪا ۾ ويٺل ذاتي ڊاڪٽر لنڊن ۾ موجود نوازشريف جون ڪوڙيون ميڊيڪل رپورٽون ٺاهي رهيو آهي. هن چيو ته اهو عدالتي نظام ۽ قانون جو مذاق اڏائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. ڪوڙين رپورٽن سان مسئلو حل نه ٿيندو. نوازشريف عوام جا پئسا واپس ڪري پوءِ ڀلي لنڊن ۾ آرام سان ويهي رهي.