اسلام آباد : يوٽيليٽي اسٽورز تي مهانگائي جو عذاب اچي ويو، گيهه، آئل، صرف، صابڻ، شيمپو ۽ مصالن سميت ڪيترين ئي شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 47 رپيا ۽ آئل جي قيمت ۾ 57 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ گيهه 355 روپيه في ڪلو مان وڌي 402 روپيا ۽ آئل 355 روپيا في ڪلو مان وڌي 412 روپيا في ڪلو ٿي ويو. نوٽيفڪيشن موجب 5 ڪلو وارو گيهه جو دٻو 1795 مان وڌي 2032 روپين جو ٿي ويو. پنج ڪلو گيهه جي ڊٻي جي قيمت ۾ 237 روپين جو اضافو ٿي ويو. 5 ڪلو آئل جي ڊٻي جي قيمت 1795 مان وڌي 2085 روپيا ٿي وئي. پنج ڪلو آئل جي قيمت ۾ 287 روپين جو اضافو ٿيو. ان کان علاوه مصالن جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. هڪ سئو گرام هيڊ جو پيڪٽ 35 روپين مان وڌي 43 روپين جو ڪيو ويو. هيڊ جي هڪ سئو گرام پيڪٽ تي 9 روپين جو اضافو ڪيو ويو. 50 گرام گرم مصالحي جو پائوڊر 67 روپين مان وڌي 81 روپين جو ڪيو ويو. گرم مصالحي جي قيمت ۾ 6 روپين جو اضافو ڪيو ويو. اڇو جيرو 200 گرام پيڪٽ 198 روپين مان وڌي 230 روپين جو ڪيو ويو. اڇي جيري جي قيمت ۾ 32 روپين جو اضافو ٿيو. نوٽيفڪيشن موجب کير جي في ليٽر ڊٻي جي قيمت ۾ 5 روپين جو اضافو ڪيو ويو جيڪو 157 روپين مان وڌي 162 روپين جو ٿي ويو. مڪس آچار جي في ڪلو قيمت ۾ 65 روپين جو اضافو ٿيو. مڪس آچار 285 روپين مان وڌي 350 روپيه في ڪلو ٿي ويو. يوٽيليٽي اسٽورز تي دالين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. چڻن جي دال جي قيمتن ۾ في ڪلو 17 روپين جو اضافو ڪيو ويو. چڻن جي دال 145 مان وڌي 162 روپيه ٿي وئي. مسور جي دال جي قيمت ۾ 85 روپين جو اضافو ڪيو ويو. مسور جي دال في ڪلو 130 روپين مان وڌي 215 روپين ٿي وئي. دال ماش جي قيمت ۾ 13 روپين جو اضافو ٿيو. دال ماش 265 روپيه في ڪلو مان وڌي 278 روپيا في ڪلو ٿي وئي. ان کان علاوه ٽوٿ پيسٽ 100 گرام 10 روپيا، هڪ ڪلو ڪپڙن ڌوئڻ جو پائوڊر 30 روپيه ۽ شيمپو جي 175 ملي ليٽر جي بوتل 35 روپيه مهانگي ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان يوٽيليٽي اسٽورز جي انتظاميا چيو آهي ته ڪجهه ڪمپنين مختلف شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو جيڪي اوپن مارڪيٽ ۾ نئين قيمتن تي وڪرو ٿي رهيون آهن. ان لاءِ يوٽيليٽي اسٽورز تي به ڪجهه شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close