اسلام آباد : وفاقي وزير اسد عمر شهرين کي ويڪسين ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ملڪ ۾ موبائيل ويڪسين مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ اين سي او سي اجلاس کان پوءِ ڪرونا وائرس جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي اسد عمر چيو ته جيڪڏهن گڏيل طور تي ڏٺو وڃي ته ظاهر ٿئي ٿو ته اهي علائقا يا شهر جتي ويڪسينيٽيڊ ماڻهن جو انگ وڌيڪ آهي، اتي ڪرونا وائرس جي پنجين لهر گهٽ تباهي آندي. ان شهرين کي ويڪسين لڳرائڻ جي هدايت ڪندي اعلان ڪيو ته اين سي او سي ويڪسين مهم کي تيز ڪرڻ لاءِ موبائيل ويڪسين شروع ڪري رهي آهي جنهن جي ذريعي 55 هزار کان وڌيڪ موبائيل ٽيمون گهر گهر وڃي شهرين کي ويڪسين ڪنديون. وفاقي وزير ٻڌايو ته هن مهم جي شروعات پهرين فيبروري کان ٿي رهي آهي ۽ هي ٻن هفتن تائين جاري رهندي. ان دوران ساڍا 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي ويندي ۽ هي هڪ وڏو حدف آهي. اسد عمر چيو ته اهي ماڻهو جيڪي ويڪسين جي هڪ خوراڪ وٺي چڪا آهن، هي ٽيمون انهن کي به ٻي خوراڪ لڳائينديون. هن شهرين کي هدايت ڪئي ته اهي ماڻهو جن هن وقت تائين ويڪسين نه ڪرائي آهي جلد ويڪسين ڪرائين ۽ جيڪي ماڻهو مڪمل ويڪسينيشن ڪرائي چڪا آهن، اهي بوسٽر شاٽ لازمي لڳرائين. ان موقعي تي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ويڪسين کي هڪ سال ٿي چڪو آهي، 2 سال اڳ شروع ٿيندڙ هن بيماري مان جند ڇڏائڻ جو سب کان سولو طريقو ويڪسين آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close