اسلام آباد : انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جو بل مسنگ ٿي ويو آهي، غائب ماڻهن جو معاملو هڪ اهم مسئلو آهي. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته حڪومت غائب ماڻهن بابت بل تيار ڪيو، جيڪو قومي اسيمبلي مان منظور ٿي چڪو آهي. گم ماڻهن بابت بل سينيٽ کي اماڻيو ويو آهي، خبر نه آهي بل سينيٽ ۾ ڇو پيش نه پيو ٿئي. شيرين مزاري سوال ڪندي چيو ته چيئرمين صاحب مان ان ڏينهن به اوهان سان ڳالهه ڪئي آهي پر ڇو پيش نه پيو ٿئي، جمهوريت ۾ غائب ماڻهن جو معاملو قابل قبول نه آهي. وفاقي وزير کي جواب ڏيندي چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي چيو ته حڪومت جو بل آهي، حڪومت ئي آڻي سگهي ٿي، مان نٿو آڻي سگهان. هي سمورا ميمبر غلط فهمي ڪڍي ڇڏين. پارلياماني معامن واري وزارت بل ڏيندي ته بل کڻي ايندس، اهڙي طرح مان بل نٿو آڻي سگهان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close