عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي ۾ نئين مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر طاھر ميمڻ مختلف کاتن جي آفيسرن سان درٻار ھال ۾ ھنگامي گڏجاڻي ڪئي. هن عملدارن کي عوامي مسئلا حل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪندي غفلت ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي جو چتا ڏنو. گڏجاڻي دوران خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر طاھر ميمڻ چيو ته پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ خصوصي طور تي پنهنجي ذميوارين کي ڀرپور طريقي سان نڀايو وڃي. غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي جائز ڪمن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو وڃي. هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪرونا جي ويڪسينيشن واري مهم ۾ تيزي آندي وڃي. اسپتالن ۾ دوائن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي هن چيف ميونسپل آفيسر ۽ سمورن ٽائون آفيسرن کي سختي سان هدايتون ڏيندي چيو ته شهرن ۾ روڊ رستن جي صفائي واري نظام کي بهتر ڪيو وڃي. شهر ۾ غير ضروري لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي. سمورن کاتن جي سرڪاري زمين تي جيڪي به ناجائز قبضا ٿيل آهن، اهي فوري طور ختم ڪرايا وڃن. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي مختيار احمد خاصخيلي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪبير محمد شاهه، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر محمد عالم سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close