اسلام آبادپاڪستان

مهانگائي جو طوفان،شرح ٻن سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

اسلام آباد :ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ٻن سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. ماهوار بنيادن تي جنوري دوران ملڪ ۾ مهانگائي ۾ ٻڙي ڏهائي 39 سيڪڙو اضافو ٿيو. ايڪسپريس نيوز موجب جنوري ۾ مهانگائي جي شرح 12 ڏهائي 96 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن جولا کان جنوري دوران مهانگائي جي سراسري شرح 10 ڏهائي 26 سيڪڙو رهي. پيٽروليم شين جي اگهن ۽ ٽرانسپورٽرن طرفان ڀاڙن ۾ به اضافو ڪيو ويو. ان کان علاوه صحت، تعليم ۽ تفريحي جي سهولتن ۾ مهانگائي ٿي وئي. ان ڏس ۾ ڳڻپ واري وفاقي اداري طرفان ماهوار رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مهانگائي جي شرح ٻن سالن جي بلند سطح تي پهتي آهي. رپورٽ موجب جنوري ۾ سالياني بنياد تي کاڄرو تيل 54 ڏهائي 33 سيڪڙو، گيهه 47 ڏهائي 4 سيڪڙو، دال مسور 41 ڏهائي 3 سيڪڙو مهانگي ٿي. ميوا 28 ڏهائي 35 سيڪڙو مهانگا ٿيا. ڀاڄيون ۽ چڪن پڻ مهانگو ٿي جڏهن ته سال جي ستن مهينن ۾ پيٽرول 35 رپيا ۽ ايل پي جي سلينڊر 644 مهانگو ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button