اسلام آبادپاڪستان

گيلاني جي استعيفيٰ ڊرامو،هو ڪرسي سان چنبڙيل رهندو:شاهه محمود

اسلام آباد : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني جي استعيفيٰ ڊرامو هو، هو ڪرسي سان چنبڙيل رهندو. شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ پنهنجي غير حاضري جون وضاحتون پيش ڪيون، عوام ۽ اپوزيشن ڌريون ان جي وضاحت مان مطمئن ناهن. هن چيو ته ايوان ۾ سڀني کي خبر آهي ته ليڊر آف اپوزيشن ڪيئن چونڊيو، سينيٽر ڪيئن چونڊيو، ووٽ خريد ڪري، ان جي ويڊيو ميڊيا ۾ هلندي رهي، ان جو ته ڪيس اڄ به اليڪشن ڪميشن ۾ لڳل آهي. سندس چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ کي ڪنهن جي غلامي ۾ ڏيڻ جي ڳالهه درست ناهي، اسٽيٽ بئنڪ خود مختيار ادارو آهي، ڪالهه کان ايوان ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمن تي بحث ٿي رهيو آهي، پ پ ۽ ن ليگ ٻنهي اسٽيٽ بئنڪ بابت ترميمون ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button