اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سرن جي بٺن تي جبري پورهيو روڪڻ خلاف درخواست اڪلائي ڇڏي. اعليٰ عدالت وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ بٺي مالڪن لاءِ جبري پورهيو نه وٺڻ جو حلفي بيان لازمي قرار ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد حڪم جاري ڪري ڇڏيا، جن بابت هاءِ ڪورٽ کي به آگاهه ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله شنوائي دوران چيو ته چيف ڪمشنر جي رپورٽ تي درخواست اڪلائي رهيا آهيون. عدالت قرار ڏنو ته اسلام آباد ۾ جبري پورهئي جي شڪايت ملي ته پٽيشن بحال ٿي ويندي. عدالتي مددگارن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، واکاڻ ڪريون ٿا. هن ڪيس ۾ ٽن وڪيلن عدنان حيدر رنڌاوا، عمر اعجاز گيلاني ۽ دانيال حسن عدالتي مددگار مقرر هئا. عدنان حيدر رنڌاوا ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته چيف ڪمشنر ٻن معاملن جي نشاندهي ڪئي، هڪ نشاندهي بٺي مالڪن لاءِ حلفي بيان لازمي قرار ڏيڻ جي آهي. رپورٽ ۾ ٻي ڳالهه اها ڪئي وئي ته ان بابت قانون سازي ڪئي وڃي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هاڻي اهو چون ٿا ته جبري پورهيو ختم ٿي ويو آهي، ڪيس وڌيڪ التوا هيٺ رکڻ جو فائدو ناهي. هاڻي ته اهو ايگزيڪٽيو جو ڪم آهي، ان جي ڪم ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون. عدنان حيدر رنڌاوا چيو ته اسان ٻيون به ڪجهه تجويزون پنهنجي رپورٽ ۾ ڏنيون آهن، عدالت انهن کي به ڏسي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته چيف ڪمشنر جي رپورٽ ڪورٽ آرڊر جو حصو هوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close