اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وگهي گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 48 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 6377 نوان مريض به سامهون آيا آهن.پاڪستان ۾ ڪرونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جون 64121 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان 6377 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي. جڏهن ته وائرس وگهي وڌيڪ 48 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 9 ڏهائي 95 سيڪڙو رهي. اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وگهي فوتگين جو انگ 29420 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 14 لک 48 هزار 663 تائين پهتو آهي. ان کانسواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4566 ڄڻا ڪرونا مان صحتياب به ٿيا، جنهن بعد ملڪ ۾ مرض مان صحتياب ٿيلن جو انگ 13 لک 17 هزار 385 ٿي ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close