اسلام آبادپاڪستان

اٽارني جنرل طرفان ثاقب نثار بابت جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جي مخالفت

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ثاقب نثار جي مبينا آڊيو جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اٽارني جنرل ڪميشن جوڙڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي ۽ چيو ته درخواستون خارج ڪري ڇڏيو، التوا وارن ڪيسن تي اثر پوندو. عدالت کي هن معاملي ۾ نه پوڻ گهرجي، جاچ ڪرائڻ جو اختيار سرڪار جو آهي، جيڪو استعمال نه ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ داخل درخواست تي شنوائي ٿي، ان سلسلي ۾ اٽارني جنرل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جا نمائندا عدالت ۾ پيش ٿيا. ان دوران پاڪستان بار ڪائونسل جو نمائندو حسن پاشا روسٽرم تي آيو ۽ چيف جسٽس کانئس پڇاڻو ڪيو ته ڇا پاڪستان بار وٽ اصل آڊيو موجود آهي؟ ان تي حسن پاشا چيو ته نه مائي لارڊ، آڊيو اسان وٽ به موجود ناهي. حسن پاشا جي جواب تي جسٽس اطهر چيو ته مطلب اها آڊيو رڳو انٽرنيٽ تي ئي موجود آهي. انٽرنيٽ تي موجود ڇا سمورن الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي؟ جن جو پنهنجو ڪيس آهي کين ان تي ڪو اعتراض ئي ناهي. ڇا بار ڪائونسل اهو چوندي آهي ته ڊويزن بينچ هي معاملو نٿو ڏسي سگهي؟ ان دوران اٽارني جنرل خالد جاويد پنهنجن دليلن ۾ چيو ته عدالت سامهون به چيو ويو آڊيو ڪوڙي نڪتي، هي عدالت بري ٿيندي پوءِ چيو ويو نه، هن عدالت تي ته اعتبار آهي. اسان هڪ ڪيس لاءِ ڪنهن حد تائين وينداسين، هي ٽرينڊ ختم ٿيڻ گهرجي. چيو اهو پيو وڃي ته هڪ صاحب جي آڊيو تي سموري عدالت ڪمپرومائزڊ آهي، ان درخواست گذار ۾ ۽ رانا شميم ۾ فرق ڪهڙو رهجي ويو آهي؟ پيغام ڏنو پيو وڃي ته هٿ ته لڳايو اسان سڀني ججن کي گهر ڇڏي اينداسين. اٽارني جنرل چيو ته جنهن کي عدليا تي اعتبار ناهي کليل نموني پاڻ اچي هتي چوي. هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه ڪري. درخواست گذار وڪيل چون ٿا ته اصل آڊيو موجود ئي ناهي، اهو ئي بنياد هن درخواست کي رد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. پاڪستاني عدليا کي ڪنهن فارنزڪ جون بيساکيو نه گهرجن. عدالت چيو ته ڇا سوشل ميڊيا جي حوصلا افزائي ڪريون ته سچ ڪوڙ جيڪو چوندا اسان انڪوائري ڪندا رهنداسين؟ هڪ ڪيس ۾ هڪ معاملي تي ڪميشن ٺاهي وڃي ته باقي ايشوز تي ڇو نه؟ ان بعد عدالت ثاقب نثار جي مبينا آڊيو جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button