اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته پاڪستان جي فوج ملڪي سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سپريم ڪورٽ مان جاري پڌرائي موجب چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سان ليفٽيننٽ ڪرنل هاشم باجوا جي سربراهي ۾ ڪامنڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي 49 رڪني وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چيف جسٽس پاڪستان وفدکي آئين ۽ آئيني ادارن جي اهميت بابت آگاهه ڪيو.چيف جسٽس پاڪستان سان ملاقات ۾ مختلف ملڪن سان واسطو رکندڙ شاگرد به موجود هئا. پڌرائي موجب چيف جسٽس چيو ته پاڪستان جي فوج ملڪي سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان جي فوج ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي فوج جا ضابطا به آئين ۾ موجود آهن، فوج قدرتي آفتن دوران سول ادارن سان گڏجي عوامي خدمت به ڪري ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close