پاڪستانپنجاب

نواز شريف جي رپورٽن جو جائزو وٺڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو

لاهور : پنجاب جي گھرو کاتي مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف جي طبي رپورٽن جو جائزو وٺڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي
ان ڏس ۾ پنجاب جي گھرو کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ جو سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر عارف نديم کي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اهو ئي بورڊ پهريان کان نواز شريف جي صحت جي رپورٽن جو جائزو وٺي رهيو آهي. ذريعن موجب 9 رڪني بورڊ 5 ڏينهن جي اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو. اٽارني جنرل آفيس جي ليٽر تي پنجاب جي گھرو کاتي نواز شريف جي صحت بابت نوان دستاويز صحت کاتي کي موڪلي ڇڏيا آهن. جڏهن ته سيڪريٽري اسپيشلائزڊ هيلٿ ميڊيڪل بورڊ کي هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ٿيندڙ دستاويز موڪليندو. پنجاب جي گھرو کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت جي قائم ڪيل ميڊيڪل بورڊ نواز شريف جون وڌيڪ رپورٽون طلب ڪيون هيون. اٽارني جنرل آفيس طرفان مليل خط ۾ چيو ويو آهي ته نون دستاويزن تي بورڊ کان راءِ ورتي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button