اسلام آبادپاڪستان

هفتي ۾ اٽو،کير،داليون ۽ ايل پي جي سميت 22 شيون مهانگيون

اسلام آباد:هڪ هفتي ۾ 22 شيون مهانگيون ٿيون، ڳڻپ واري کاتي هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. ڳڻپ واري کاتي موجب هاڻوڪي هفتي مهانگائي ۾ هڪ ڏهائي 35 سيڪڙو واڌ ٿي وئي، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جي گڏيل شرح 19 ڏهائي 53 سيڪڙو ٿي وئي. ڳڻپ واري کاتي ٻڌايو آهي ته سڀ کان گھٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ مهانگائي جي شرح 21 ڏهائي 46 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. جاري ڪيل انگن اکرن موجب هڪ هفتي ۾ 22 شيون مهانگيون ٿيون، انهن ۾ ٽماٽو سراسري طور تي 70 رپيا 94 پيسا في ڪلو مهانگو ٿيڻ بعد ان جي سراسري قيمت 149 رپيا 65 پيسا في ڪلو ٿي وئي. جڏهن ته زنده ڪڪڙ سراسري طور تي 19 رپيا 33 پيسا في ڪلو مهانگو ٿي 203 رپيا 39 پيسا في ڪلو ٿي ويو. ڳڻپ واري کاتي موجب هڪ هفتي ۾ ٿوم 17 رپيا 80 پيسا في ڪلو مهانگي ٿي. جڏهن ته سرنهن جو تيل 9 رپيا 19 پيسا في ڪلو وڌيو. ڳڻپ واري کاتي جو چوڻ آهي ته ايل پي جي جو گھريلو سلينڊر 35 رپيا 87 پيسا، اٽي جي 20 ڪلن وارو ٿيلهو 3 رپيا 32 پيسا مهانگو ٿيو. جڏهن ته کير، ڏهي، مٽن، بيف، مهري دال، چڻن جي دال، ڪيلا ۽ انرجي سيور به مهانگا ٿيا. ڳڻپ واري کاتي موجب هن هفتي 6 شين جي اگھن ۾ گھٽتائي ۽ 23 ۾ استحڪام رهيو. پٽاٽا 2 رپيا 45 پيسا في ڪلو، بصر هڪ رپيو 40 پيسا في ڪلو سستا ٿيا. جڏهن ته بيضن جي قيمت ۾ في درزن 6 رپيا 5 پيسا گھٽتائي ٿي ۽ کنڊ سراسري طور تي 76 پيسا في ڪلو سستي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button