اسلام آباد : هندو ڪميونٽي سان واسطو رکندڙ سينيٽر ڪرشنا ڪماري ڪولهي جي صدارت هيٺ سينيٽ جي خاص اجلاس ۾ ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار لاءِ ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کانپوءِ ڪرشنا ڪماري ڪولهي چيئر تي ويٺي ته سمورن ميمبرن ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي. جڏهن ته پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪرشنا ڪماري ڪولهي سينيٽ اجلاس جي صدارت کي پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته هي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي جو مون ڪشميرن سان ايڪي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشميرن جي موجوده صورتحال تي بحث لاءِ گهرايل سينيٽ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ڪشمير ۾ جاري ظلمن ۽ ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار لاءِ ٺهراءُ متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. خاص اجلاس ۾ ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار لاءِ ٺهراءُ مملڪتي وزير علي محمد خان پيش ڪيو جنهن کي متفقه طور منظور ڪيو ويو. ٺهراءُ جي متن ۾ ڀارتي ظلمن ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڇڪڙين جي مذمت ڪئي وئي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ پارلياماني ليڊرز، قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سميت ميمبرن ڪشمير سان ايڪي جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ سميت سينيٽ ميمبرن ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪئي. اپوزيشن طرفان مطالبو ڪيو ويو آهي ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته ڪشمير ۾ جاري ظلم جي مذمت ڪريون ٿا، ڀارت لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ پنهنجو 5 آگسٽ 2019 وارو فيصلو واپس وٺي. پ پ سينيٽر رضا رباني عالمي ادارين جي ڀارتي ظلمن تي خاموشي کي شرمناڪ قرار ڏنو. ٺهراءُ جي ڪاپي سينيٽ چيئرمين جي صحيح سان سموري دنيا جي سربراهن ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي موڪلي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close