مسڻ وڏي: مسڻ وڏي جو گورنمينٽ اسلاميه بوائز ها اسڪول ننڌڻڪو بڻجي ويو. اسڪولي عمارت ڀرڻ لڳي، ڀتيون ڏار ھڻي جھڪي ويون، ڪمرن جا دروازا ۽ دريون ٽٽي پيون. 6 سئو کان وڌيڪ شاگردن واري اسڪول جا چاپڙ پڻ ڪري رهيا آهن. ڪرسيون، ٽيبلون ۽ سمورو فرنيچر ناڪاره بڻجي ويو. شاگردن لا واش روم جي سھولت به ناہي. 31 مئي 1976ع ۾ اسڪول جو افتتاح ان وقت جي گورنر سنڌ الحاج مير رسول بخش خان ٽالپر ڪيو هو، 45 سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب اسڪول زبون ٿي ويو آهي. رهواسين محمد اشرف لغاري،شوڪت الزمان، حاجي فاروق لغاري، آزاد ملاح، عرفان علي، عبدالغفار ۽ ٻين صوبائي وزير سردار شاهھ، سيڪريٽري تعليم اڪبر علي لغاري، ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم پي اي امداد پتافي ۽ ڊي سي ٽنڊوالهيار ولي محمد بلوچ کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي مرمت ڪرائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close