ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ آبادگارن پاڻي جي کوٽ ۽ عملدارن جي مبينا ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. دوسو ۽ ڏهروڙو شاخن جي آبادگارن مختيار ناريجو، ديدار جروار، خالد بگتي، قيصر مري ۽ اعجاز پنهور جي اڳواڻي ۾ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي آفيس پهچي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ زبردست نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي آبادگار اڳواڻن چيو ته 2 سال اڳ شاخ کي 42 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان پڪو ڪيو ويو، پر ٺيڪيدار شاخ کي اهڙيءَ ريت ٺاهيو آهي جو سمورو پاڻي پڇڙي ۾ هليو وڃي ٿو ۽ اتان ڪيترائي دفعا شاخ ٽٽي پڻ چڪي آهي. هنن چيو ته بعد ۾ نارا ڪئنال انتظاميا غلطي مڃيندي ماڊولن ۾ تبديلي آندي، پر هاڻ نارا ڪئنال جا انجنيئر في واٽر ڪورس تي پاڻي ڏيڻ لاءِ 5-5 لک رپيا رشوت طلب ڪري رهيا آهن ۽ نه ڏيڻ تي آبادگارن کي پاڻي فراهم نه ٿو ڪيو وڃي. هنن چيو ته جيڪو آبادگار پاڻي طلب ڪري ٿو، ان تي پاڻي چوري جا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي، کين خاموش رهڻ لاءِ چيو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت يا عدالتون شاخ پڪي ڪرڻ کان وٺي پاڻي ڏيڻ لاءِ رشوت طلب ڪرڻ واري معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائين، جيڪڏهن آبادگارن ڏوهاري ٿين ته کين سزا ڏني وڃي، پر جيڪڏهن ڪامورا ڏوهاري نڪرن ته انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close