پاڪستانپنجاب

نومبر گهڻو پري آهي،حڪومت اڳ ۾ گهر ويندي:مريم نواز

لاهور : ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نومبر گهڻو پري آهي، حڪومت اڳ ۾ گهر ويندي. شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي مانجهاندي جي دعوت ڏني، جنهن ۾ مريم نواز به شريڪ ٿي. ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته سياسي جماعتن ۾ اختلاف هوندا آهن پر عوام جون ڏکيائيون اسان کي گڏ رکنديون آهن. اسان عوام جي مسئلن تي اختلاف وساري هڪ ٿي وينداسين. هن چيو ته سليڪٽڊ هاڻ وڃڻ وارو آهي، جڏهن اسان عوام جون اميدون پوريون ڪرڻ وڃون ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪا خوشي ناهي هوندي، نومبر گهڻو پري آهي، حڪومت اڳ ۾ ئي گهر هلي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button