پاڪستانسنڌ

سنڌ دشمن بلدياتي نظام آيو ته مخالفت ڪنداسين:زين شاهه

ڊگھڙي (ن، سنڌ ايڪسپريس) سنڌ ۾ 2013ع وارو بلدياتي نظام جاري رکيو وڃي،ڊجيٽل آدم شماري ۾ ٻولي وارو خانو ختم ڪرڻ سميت ڪابه هيراڦيري ڪئي وئي ته ان جي مخالفت ڪبي. ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھه پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ دشمن بلدياتي نظام آيو ته ان جي سخت مخالفت ڪبي، سنڌ ۾ هن وقت پ پ مخالف وڏيرن جون سياسي وفاداريون بدلائڻ لا سندن زمينن تي قبضا ڪرائي تنگ ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال روز خراب ٿيندي پئي وڃي، سنڌ جون زمينون وڪرو ڪيون وڃن پيون. هن چيو ته ملڪ هن وقت قرضن جي بار هيٺ آهي، پرائيس ڪنٽرول ختم ٿي چڪي آهي، حڪمرانن کي گهرجي ته پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا رکن ۽ ملڪ اندر اڪنامڪ پاليسي ٻاهرين ملڪن بدران پاڻ ٺاهين. هن چيو ته وفاق طرفان ڊجيٽل طريقي سان آدشماري ڪرائڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن پيون. جيڪڏهن ٻولي يا گهر جي سربراھه واري خاني سميت ڪنهن به قسم جي هيراڦيري ڪئي وئي ته ان جي سخت مخالفت ڪنداسين ۽ عوام سان گڏ روڊن تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ به ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪميٽيون هجڻ گهرجن. ان موقعي تي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امير علي پنهور، مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو، امير آزاد پنهور، ايس يو پي حيدرآباد جو صدر مشتاق شاھه،روشن مڱريو ۽ ٻيا موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button