عمرڪوٽ (ن، سنڌ ايڪسپريس) ڊويزن ميرپورخاص جي سڀ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ۽ معاشي حب طور اهميت رکندڙ شهر عمرڪوٽ کان ميرپورخاص روڊ ڪيترن ئي سالن کان اکڙي ويو آهي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان ننڍن وڏن شهر توڙي سوين ڳوٺن جي ماڻهن جي آمدرفت جو مک ذريعو آهي، عمرڪوٽ-ميرپورخاص خاص جي 65 ڪلوميٽرن جي مفاصلي واري روڊ جو تازو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران ٻن ارب رپين جي وڌيڪ لاڳت سان تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ بچابند کان عمرڪوٽ تائين تعمير ٿيندڙ روڊ ۾ پٿر، روڙو، بجري ۽ ڏامر سميت انتهائي ناقص مٽيريل جو سر عام استعمال ٿي رهيو آهي، مين روڊ جي ٻنهي پاسي 10 فوٽن تائين ناقص پٿر وڇائي مٿان سستو ۽ ناقص ايراني ڏامر هاري ڪارپيٽڊ روڊ ٺاهيو پيو وڃي. جڏهن ته مک روڊ ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال سبب روڊ ٺهڻ جي ڪجهه ڏينهن بعد ئي هنڌان هنڌان اکڙڻ لڳو آهي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته لاڳاپيل اٿارٽي ۽ ڊپارٽمينٽ جي اعلى عملدارن ڪلارڪن ۽ ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت جي ڪري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، پر چونڊيل نمائندا خاموش آهن. ان سلسلي ۾ پ پ اڳواڻ منٺار آريسر، حفيظ سميجو، ايس يو پي اڳواڻ قادر ڪنڀر ۽ ٻين چيو ته ٻن ارب رپين جي لاڳت سان ٺهندڙ روڊ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿي رهيو آهي، ان ڪري روڊ ٺهڻ سان گڏ ئي ٽٽڻ شروع ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته روڊ ۾ معياري مٽيريل استعمال ڪري بهترين ڪوالٽي جو ڪارپيٽ روڊ ٺاهيو وڃي. ٻئي طرف ايڪشن ڪميٽي ايندڙ اڱاري تي احتجاج ۽ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close