پاڪستانسنڌ

پ پ ۽ نيازي سرڪار کي عوام جو ڪو خيال ناهي:رياض چانڊيو

ٽنڊوآدم: جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو ٽنڊوآدم پهچي جسم اڳواڻ ڊاڪٽر زاهد ڪيريو ۽ علي محمد ڪيريو جي ڀا اعجاز ڪيريو جي وفات تي تعزيت ڪئي. بعد ۾ هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب مهانگائي عروج تي پهتل آھي، جنهن سبب مسڪين ماڻھو سخت مشڪلاتن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال هوندي به ڌرتي ڌڻي بيروزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿا پيا آھن ۽ سنڌ جي وسيلن تي ڌاريا قابض آھن. پ پ ۽ نيازي سرڪار کي عوام جو ڪو به خيال ناهي. ان موقعي تي پنهل جمالي، مصطفى عمراڻي، منٺار چولياڻي، ممتاز چانڊيو، حبيب ڪلهوڙو، لطيف ساند ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button