پاڪستانسنڌ

ذوالفقار مرزا سان فنڪشنل اڳواڻ امداد رند جي ملاقات، ڳالهيون

بدين: مسلم لیگ فنڪشنل ضلعي بدين جي اڳواڻ حاجي امداد علي رند ۽ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وچ ۾ مورجهر فارم تي تفصيلي ملاقات ٿي، جنهن ۾ سنڌ سميت ضلعي بدين جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ اڳواڻ حاجي امداد علي رند صحافين کي ٻڌايو ته اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان مورجهر فارم تي ملاقات ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏينداسين، جنهن جي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ مختلف سياسي تنظيمن سان رابطا ڪيا ويندا، فنڪشنل ليگ جي سنڌ ۾ مقبوليت وڌي رهي آهي. پيرپاڳاري جي قيادت ۾ سموري ملڪ ۾ پارٽي کي منظم ۽ مضبوط ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مثال پير صدرالدين شاهھ راشدي جو ڪامياب تاريخي جلسو آهي. بلدياتي اليڪشن توڙي عام اليڪشن ۾ اتحادين سان گڏجي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهينداسين. ملاقات ۾ ٽنڊوباگو جو اڳوڻو ناظم دلبر سنڌي ۽ ٻيا موجود هئا

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button