پاڪستانسنڌ

پ پ سنڌ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي:شاهد خاقان

حيدرآباد/ جهول: مسلم ليگ نواز جو مرڪزي اڳواڻ اڳوڻو وزيراعظم شاھد خاقان عباسي، صوبائي جنرل سيڪريٽري سنڌ مفتاح اسماعيل، کيئل داس ڪوھستاني، سينيئر نائب صدر سنڌ علي اڪبر گجر ۽ ٻي ن ليگ جي مرڪزي قيادت ضلعي سانگھڙ جي دوري تي پھتي. جھول ۾ سياسي سماجي شخصيت مير جواد افسر ٽالپر جي رھائشگاهھ قصر ٽالپر ھائوس ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جو استقبال ڪيو ويو. تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن توڙي شھرين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ معزز شخصيت مير جواد افسر ٽالپر ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. جنهن بعد نواز ليگ اڳواڻ شاھد خاقان عباسي پريس ڪانفرس دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ضلعو سانگھڙ ن ليگ جو قلعو بڻجڻ ۾ ھاڻي دير ناھي، ھتي اچي خبر پئي ته صحت، بجلي ۽ روزگار سميت زندگي جي سڀني شين کان رھواسي محروم آھن، نواز شريف جي دور ۾ ھر شي ۽ ھر سھولت عوام کي مليل ھئي، جيڪا ھاڻ عمران سرڪار ڦري ڇڏي آھي. ھن چيو ته مير جواد افسر ٽالپر کي ن ليگ ۾ شموليت تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. انشاالله مير جواد وڏي تبديلي آڻيندو ۽ ھتان جي ماڻھن کي فائدو پڄندو. ماڻھو ھاڻ سڄاڳ ٿي چڪا آھن، ايندڙ اليڪشن ۾ ھتان قومي ۽ صوبائي سيٽ ٻنھي تان ڪاميابي حاصل ڪنداسين. ھن وڌيڪ چيو ته پ پ گذريل 13 ورھين کان ھتي حڪومت ڪري رھي آھي، پر افسوس سنڌ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، پ پ وارا عوام کي ڪابه سھولت يا رليف فراھم ناھن ڪري سگھيا، اسان عوام جي تڪليفن کي دور ڪرڻ لا نڪتا آھيون. عوام کي گذارش ٿا ڪريون ته ھو ن ليگ جو ساٿ ڏين ته جيئن کين سھولتون ملي سگھن ۽ سندن پريشانيون ختم ڪري سگھون. هوڏانهن (ن) ليگ جي مرڪزي نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هن حڪومت مان جيترو جلدي جان ڇڏائي وڃي ته بهتر ٿيندو، هن حڪومت جي هر گهڙي ملڪ جي لاءِ ڏاڍي ڳري آهي، صدارتي نظام نه اڳ هلي سگهيو هو، نه هاڻ هلي سگهندو، هن حڪومت جون بيساکيون هٽنديون ته 24 ڪلاڪن ۾ عدم اعتماد ٿي ويندو ۽ هي حڪومت 24 ڪلاڪ به نه رهي سگهندي. اهڙن خيالن هن ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سان گڏ حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ (ن) ليگ جي ڊويزنل صدر انور سومرو جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. شاهد خان عباسي چيو ته يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ ۾ هجڻ گهرجي ها، پر هو سينيٽ نه آيو، ان معاملي جي هو پاڻ صفائي ڏيندو. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سنڌ سميت سمورن صوبن کي ترقي ڏياري، پر موجوده وفاقي حڪومت ساڍن ٽن سالن جي دور ۾ ڪو به نئون منصوبو شروع نه ڪيو، پر اسان جي دور جي شروع ڪيل منصوبن کي به مڪمل نه ڪيو، جنهن جو مثال حيدرآباد_سکر موٽروي آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت هر سطح تي زوال جو شڪار آهي، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جو واحد حل عوام وٽ وڃڻ ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ آهي، غير آئيني مداخلت ٿيندي ۽ عوام جي راءِ کي اهميت نه ڏني ويندي ته ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. هن چيو ته جڏهن به چونڊن جي ڳالهه اچي ٿي ته صدارتي نظام جو نئون شوشو ڇڏيو وڃي ٿو. هن چيو ته آئون تحريڪ انصاف جي 22 ميمبرن کي سڃاڻي ٿو، جيڪي پي ٽي آئي سان گڏ نٿا هلڻ چاهين، اهي ميمبر چون ٿا ته اسان پي ٽي آئي جي ٽڪيٽ تي پنهنجي تڪ ۾ وياسين ته اسان کي ووٽ نه ملندو، اسان جي سياست ختم ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button