لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻن ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، حاجي علي حسن، وڪو، محمد خان چانڊيو، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ميراڻي، اعتزاز گائنچو، طفيل جکرو، شعيب نواز، آفتاب چانڊيو، حق نواز جتوئي، فرحان ڪلھوڙو ۽ ٻين چيو ته گذريل مهيني کان لاڙڪاڻو بدامني ۽ ڦرن جو مرڪز بڻجي ويو آهي ۽ هتي قانون جي بالادستي جو ڪو وجود نه آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي ۽ سيشن جج کي ان جو هنگامي نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ هر روز موٽر سائيڪل ۽ دڪانن تان ڦرن جون وارداتون وڌي رهيون آهن. هنن چيو ته موٽرسائيڪل سوار پوليس جو گشت ختم ڪري اها بجيٽ پوليس عملدار هڙپ ڪري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻي ۾ فوري طور امن قائم ڪري شهر جي گهٽين ۽ رستن تي پوليس گشت وڌايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close