سنڌ

لاڙڪاڻي جي بيڪري مان زهريلو کاڌو کائڻ سبب 17 ڄڻا بيهوش

لاڙڪاڻي شهر جي قمبر روڊ پروفيسر ڪالوني وٽ قائم بن خليل بيڪري مان مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب قمبر سميت رتوديرو سان واسطو رکندڙ 17 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو. خبر موجب رتوديرو شهر جي شاهه لطيف ڪالوني ۾ مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 12 ڀاتي بيهوش ٿي پيا، جنهن ۾ 28 ورهين جو محب علي عارباڻي، 25 ورهين جو صدام حسين، 15 ورهين جو غلام الله، 14 ورهين جي فرحانه، 11 ورهين جي شاهينه، 7 ورهين جو عبدالستار، 5 ورهين جو امجد علي ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي سندن وارثن کڻائي لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي بيهوش ٿيل گهرڀاتين جو علاج هلندڙ آهي. هوڏانهن قمبر جي علائقي باگو ديرو ۾ مبينا طور 3 ڏينهن اڳ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 3 ٻارن ۽ 2 عورتن سميت 5 ڄڻا 12 ورهين جو قاص، 9 ورهين جي رخسار ۽ 12 ورهين جو ڪامران گوپانگ شامل آهن جن کي سندن وارثن بيھوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي ڊاڪٽرن طرفان طبي امداد فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب بيهوش ٿيلن جي وارثن سعيد احمد گوپانگ، ثناءُ الله عارباڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي گهرڀاتين مختلف وقتن تي لاڙڪاڻي جي قمبر روڊ پروفيسر ڪالوني ۾ واقع بن خليل سپر مارڪيٽ اندر قائم بيڪري مان برگر، رول، چڪن تڪا ۽ ٻيو کائڻ پيئڻ جو سامان خريد ڪري کاڌو، جنهن کان پوءِ سندن طبيعت انتهائي خراب ٿي وئي، جن کي اسان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪرايو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شهر جي قمبر روڊ پروفيسر ڪالوني ۾ واقع بن خليل سپر مارڪيٽ جي مالڪ ۽ عملي خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪري انساني جانين سان کيڏندڙ ۽ زهريلو کاڌو وڪرو ڪندڙ بيڪري کي سيل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button