اسلام آبادپاڪستان

اپوزيشن جو حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد: مخالف ڌر جي پارٽين حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب نواز شريف جي صدارت هيٺ ن ليگ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ معاملي جي منظوري جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ ان حوالي سان پ پ کي آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو طئي ٿيڻ باقي آهي ته رٿ اڳ ۾ وزيراعظم خلاف آندي ويندي يا قومي اسيمبلي اسپيڪر خلاف پيش ڪئي ويندي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ بي اعتمادي رٿ جي حڪمت عملي طئي ٿيندي ۽ بي اعتمادي رٿ تي هڪ موقف اختيار ڪرڻ کانپوءِ رابطا شروع ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button