مورو ڀرسان نوان جتوئي – مناھين لنڪ روڊ تان گولي لڳل نامعلوم نوجوان جو لاش مليو. ڳوٺاڻن جي اطلاع تي درس ٿاڻي جي پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال مورو آندو، جتي بايو ميٽرڪ ذريعي سندس سڃاڻپ علي اصغر پٽ سانوڻ خان چانڊيو ويٺل وارڊ نمبر 02 نوشهروفيروز طور ٿي. اھڙو اطلاع سندس وارثن کي ڏنو ويو، جيڪي تعلقي اسپتال مورو پھتا ته روڄ راڙو مچي ويو، قانوني گهرجن بعد لاش سندس ڀائرن صاحب خان ۽ ولي محمد چانڊيو حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش نوشھروفيروز گهر کڻائي ويا، جتي گهر ۾ روج راڙو مچي ويو. هوڏانهن پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن ٻڌايو ته نوجوان جو موت مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب ٿيو آھي. هوڏانهن واقعي جي رپورٽ درس ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي. پوليس جو چوڻ آھي ته معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون. وارث ايندا ته ڪيس دخل ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close